صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر

صديقي، سليم الزمان، ڊاڪٽر: ناميارو سائنسدان، ڪيميادان، اديب، مصور ۽ ڏاهو، سليم الزمان صديقي 19 آڪٽوبر 1897ع ۾ لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. هن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد انگلستان ۽ جرمنيءَ مان ڪيمسٽريءَ ۾ اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي. 1927ع ۾ فرنيڪفرٽ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. واپس هندستان اچي حڪيم اجمل خان جي قائم ڪيل ريسرچ انسٽيٽيوٽ سان منسلڪ ٿيو. هيءُ ادارو جڙي ٻوٽين تي تحقيق لاءِ قائم ٿيل هو. ورهاڱي بعد سليم الزمان لڏي اچي ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو. 1966ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ڪيميا جي شعبي سان منسلڪ ٿيو. هن 1983ع ۾ هڪ اداري (پي. سي. ايس. آئي. آر) ‘پاڪستان ڪونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ‘ جو بنياد وڌو. ان کان علاوه هن ‘حسين ابراهيم جمال پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري’ قائم ڪيو. زندگيءَ جي آخري وقت تائين ان اداري سان وابسته رهيو. هن ريسرچ ذريعي ’اجملين‘ ۽ ٻيون کوڙ ساريون دوائون دريافت ڪيائين. طب جي موضوع تي بيشمار ڪتاب لکيائين. هي هڪ بهترين مصور به هو. سندس ٺاهيل تصويرن جي ڪيترائي ڀيرا نمائش لڳائي وئي. سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس ستاره هلال، ستاره امتياز کان علاوه صدارتي اوارڊ سان نوازيو. بين الاقوامي سطح تي کيس مڃتا طور ‘سوويت سائنس اڪيڊمي’ ۽ ‘ڪويت فائونڊيشن’ پاران ڏنل اوارڊن کان سواءِ برطانيا طرفان ‘رائل اڪيڊمي آف سائنس’ ۽ ‘وٽيڪن ايڪڊمي آف سائنسز’ جي رُڪنيت شامل آهن. پاڪستان جو ناليوارو سياستدان چوڌري خليق الزمان سندس وڏو ڀاءُ آهي. هن 14 اپريل 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.10.19  عيسوي

سليم الزمان صديقي 19 آڪٽوبر 1897ع ۾ لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1994.04.14  عيسوي

سليم الزمان صديقي 14 اپريل 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد گوهر علي شاهه صوفي
امداد ڪانھيو
صبح صادق کوسو مير
عبدالعلي قلباڻي
بابو غلام حسين
پرويز مشرف
امام بخش عاصم
پانڌي خان لغاري اول
سيد محمد عالم شاهه شيرازي
اڪبر اديب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون